In this blog you will find Tricks and Tips about Facebook,Whatsapp,YouTube,Mobile phones,Videos,Play store apps and many other topics,in Sindhi,Urdu and English languages.

Best Android Apps

2 comments
 السلام عليڪم دوستو! 
اميد تہ خيريت سان ھوندا.
اڄ اوھان جي لاء ھڪ نئین پوسٽ حاضر آھي.جنھن م اوھان کي ڪجھ بھترين اينڊرائیڊ ايپليڪيشنس جي باري م ڄاڻ ملندي.

1: SnapTube

ڪافي دوست جو مسئلو ھوندو آھي تہ فيس بڪ تان ويڊيو ڪيئن ڊاؤنلوڊ ڪجي ٽويٽر يا يوٽيوب مان ڪيئن ڊاؤنلوڊ ڪجي.ڪجھ دوستن کي واٽس ايپ تي تي اسٽيٽس گھرجي ٿو پر ان کي ڪاپي ڪيئن ڪيو وڃي.ھي ايپليڪيشن ان جي لاء بھترين  آھي.ھي پلي اسٽور م موجود نہ آھي ان لاء اوھان کي گوگل م   SnapTube App لکي سرچ ڪرڻو پوندو ء اتان ڊاؤنلوڊ ڪرڻي پوندي.انسٽال ڪرڻ کان پوء نہ صرف ويڊيو پر جيڪڏھن آڊيو گھرجي تہ ويڊيو کي آڊيو م ڪنورٽ ڪري سگھجي ٿو.فيس بڪ ھجي يا يوٽيوب،انسٽا ھجي یا ٽويٽر ھر قسم جي ويڊيو يا آڊيو توھان ھتان ڊاؤنلوڊ ڪري سگھو ٿا.
Best Android Apps
Best Android App

توھان ھن کي ھيٺين لنڪ تان بہ ڊاؤنلوڊ ڪري سگھو ٿا.
https://www.snaptubeapp.com/

2: Zedge WallPaper RingTune

 موبائل فون جي لاء ٿري ڊي وال پيپرس ء مختلف قسم جي رنگ ٽون جي لاء بھترين آھي.اھي ٽڪ ٽاڪ جون ھجن يا ايپل جون گھٽ ساؤنڊ واريون ھجن يا وڌيڪ واريون ھر قسم جون ھن م موجود آھن.ھي ايپليڪيشن ھن لنڪ تان ڊاؤنلوڊ ڪري سگھجي ٿي.
Best Android Apps
Best Android App

3:Empty Folder Cleaner 

گھڻن دوست کي اھا شڪايت ھوندي آھي تہ انھن جي موبائل م ڪابہ وڌيڪ ميموري واري ايپليڪيشن نہ آھي پوء بہ موبائل لو میموري ڏيکاري ٿي.انھن دوستن جي لاء ھي بھترين ايپ آھي.
Best Android Apps
Best Android App

ھن ايپ کي ھن لنڪ تان ڊاؤنلوڊ ڪري سگھو ٿا.
https://play.google.com/store/apps/details?id=com.radefffactory.foldercleaner

4:Almighty Volume Keys 

 اڄ ڪلھ ٽچ جو زمانو آ.ٽچ موبائل م ٻہ کان ٽي بٽن ھوندا آھن.واليم بٽن يا ھوم بٽن،ايمرجنسي م موبائل مان جيڪڏھن ٽارچ روشن ڪرڻي پوي تہ پھرين ٽچ ڪري موبائل آن ڪريو پوء ٽارچ ٻاريو.ھي ايپ واليم بٽن کي استعمال ڪري پنھنجي شارٽ ڪٽ بٽن تي ڪنورٽ  ڪري سگھو ٿا.مثال طور واليم ڊاؤنلوڊ تي ٽارچ سيٽ ڪري سگھو ٿا.يا واليم اپ تي ميوزڪ پليئر سيٽ ڪري سگھو ٿا.ء ھڪ ئي ڪلڪ م پنھنجو مطلوبہ ڪم پورو ڪري سگھو ٿا.
Best Android Apps
Best Android App

ھن کي کي اسٽور جي ھن لنڪ تان ڊاؤنلوڊ ڪري سگھو ٿا.

5: AutoRap

 وڌيڪ ڳالھيون ڪرڻ جا شوقين حضرات ھن ايپ م پنھنجيون ڳالھيون ريڪارڊ ڪري پنھجيون ڳالھيون رپ م ٻڌن.جيڪي ڀوميا ء يويو ھني سنگھ کان متاثر آھن اھي ھن ايپ کي ٽرائي ڪن.
Best Android Apps
Best Android App

ھن کي پلي اسٽورجي ھن لنڪ تان ڊاؤنلوڊ ڪري سگھو ٿا.

6: Blokada Slim Adblock

ڪافي دوستن کي شڪايت ھوندي آھي تہ انٽرنيٽ آن ڪرڻ سان آٽوميٽڪ اشتھار اچڻ شروع ٿي ويندا آھن.ٿيندو ایئن آھي تہ ڪجھ ايپس انسٽال ٿيڻ وقت توھان کان پرميشن وٺنديون آھن ء اوھا بنان ڏسڻ جي Yes يا Allow تي ڪلڪ ڪري ڇڏيندا آھيو.ء اوھان جو موبائل اوھان کي انھن ايپس جا اشتھار ڏيکارڻ شروع ڪندو آھي.ھاڻي يا تہ فون کي ھارڊ ريسيٽ ڪيو وڃي يا ايئن ھلڻ ڏجي.ھن جو بھترين حل ھي ايپليڪيشن آھي ھن کي انسٽال ڪريو ء آن ڪري ڇڏيو.ھي ھر قسم جي ايڊز کي بلاڪ ڪري ڇڏيندو.ء فون کي ريليڪس موڊ م ڪري ڇڏيندو.
Best android apps
Best Android App


ھي ايپليڪيشن ھن لنڪ تان ڊاؤنلوڊ ڪري سگھو ٿا.

CamScanner:7

ڪتابن ء نوٽس کي اسڪين ڪري pdf جي صورت م سيو ڪرڻ جي لاء ھي ھڪ بھترين ايپليڪيشن آھي.اوھان جيڪڏھن ڪتاب pdf فارميٽ م محفوظ ڪرڻ چاھيو ٿا تہ اوھان جي موبائل م ھي ايپليڪيسن ھجڻ لازمي آھي.
Best Android Apps
Best Android App
ھي ايپليڪيشن پلي اسٽور جي ھن لنڪ تان ڊاؤنلوڊ ڪري سگجي ٿي.
https://play.google.com/store/apps/details?id=com.intsig.camscanner
دوستو اميد تہ اڄ جي پوسٽ اوھان کي پسند آئي ھوندي.

2 comments :