In this blog you will find Tricks and Tips about Facebook,Whatsapp,YouTube,Mobile phones,Videos,Play store apps and many other topics,in Sindhi,Urdu and English languages.

Install Mobile Software

No comments
السلام عليڪم.
دوستو!  اميد تہ اوھان خيريت سان ھوندا.
اڄ توھان جي لاء ھڪ نئین پوسٽ حاضر آھي.
دوستو! ڪافي دفعا ایئن ٿيندو آ جو اسان جي موبائل جو سافٽ ويئر اڏامي ويندو آ يا خراب ٿي ويندو آ.ء پوء اسان جڏھن فون کي on ڪريون ٿا تہ اسڪرين تي صرف ڪمپني جو نالو ايندو آھي.
جيڪڏھن اوھان جي موبائل سان اھڙو مسئلو تہ اوھان گھر ويٺي موبائل جو سافٽ ويئر انسٽال ڪري سگھو ٿا يا سافٽ ويئر فلیش ڪري نئون سافٽ ويئر انسٽال ڪري سگھو ٿا.
مان توھان کي طريقو ٻڌايان ٿو جنھن سان اوھان گھر ويٺي موبائل جو سافٽ ويئر ڪري سگھندا.ھي طريقو ايڊرائيڊ فون جي لاء آھي،آئي فون يا ڪنھن ٻي آپريٽنگ سسٽم م ڪم ڪون ڪندو.
 موبائل م سافٽ ويئر ڪرڻ لاء اوھان کي ٽن شين جي ضرورت پوندي.
(1) اھو موبائل جنھن جو سافٽ ويئر خراب آھي.
(2) ھڪ عدد ڊيٽا ڪيبل.
(3) ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ.
ھڪ ڳالھ ياد رکندا تہ سافٽ ويئر صرف خراب موبائل جو ڪندا،ھلندڙ موبائل جي ڇيڙ ڇاڙ نہ ڪرڻ گھرجي.
موبائل جو سافٽ ويئر ڪرڻ يا فليش ڪرڻ جي لاء ھنن مرحلن مان گزرڻو پوندو آھي.

(1) Download Room

سافٽ ويئر ڪرڻ جي لاء سڀ کان پھرين اوھان کي موبائل روم انسٽال ڪرڻو پوندو جنھن کي Stock Room بہ چيو ويندو آھي.ھر موبائل جي لاء الگ الگ اسٽاڪ روم ھوندا آھن.اسٽاڪ روم انسٽال ڪرڻ جي لاء اوھان کي گوگل تي وڃڻو پوندو ء پنھنجي موبائل جو نالو لکي ان جو اسٽاڪ روم سرچ ڪرڻو پوندو.گوگل م وڃي اوھان کي ھن طرح لکڻو پوندو.
Stock room download for (mobile name)

(2) Download SP flash tool

ان کان پوء ايس پي فليش ڊاؤنلوڊ ڪريو.ان سافٽ ويئر جي مدد سان ئي اوھان ڪمپيوٽر م پنھنجي موبائل جو سافٽ ويئر کولي سگھندا  ء موبائل م انسٽال ڪري سگھندا.ھي سافٽ ويئر بہ اوھان کي گوگل مان ڊاؤنلوڊ ڪرڻو پوندو ء ھنن جي آفيشل ويب سائٽ بہ آھي اتان بہ ڊاؤنلوڊ ڪري سگھجي ٿو.موبائل ء ڪمپيوٽر جو ڪنيڪشن ڪرڻ لاء ايس پي فليش ضروري آھي.ڪڏھن ڪڏھن ھي سافٽ ويئر موبائل جي اسٽاڪ روم سان گڏ ايندو آھي،پر جيڪڏھن نہ آھي تہ ڊاؤنلؤڊ ڪري سگھو ٿا.

(3) Android USB driver

ھن سافٽ ويئر جي مدد سان ڪمپيوٽر اوھان جي موبائل جي سڃاڻپ ڪندو تہ اوھان جو موبائل ڪھڙي ڪمپني جو آھي ء ان جي مدد سان اوھان موبائل کي فليش ڪري سگھو ٿا ء سافٽ ويئر انسٽال ڪري سگھو ٿا.ان جي لاء اوھان کي گوگل م وڃي Download USB driver for (your phone model) لکڻو آھي ء ھن کي ڊاؤنلوڊ ڪرڻو آھي.
اينڊرائيڊ موبائل يو ايس بي ڊرائیور ڊاؤنلوڊ ڪرڻ کان پوء ان کي پنھنجي موباٰئل م انسٽال ڪرڻو آھي.ان کان پوء چيڪ ڪرڻو آھي تہ اھو صحيع طرح ھلي ٿو يا نہ.جيڪڏھن انسٽال ٿيڻ کان پوء اھو نہ ھلي تہ ان جو مطلب آھي تہ اوھان جو ڪمپيوٽر،موبائل جي سڃاڻپ نہ پيو ڪري سگھي.ان جي لاء اوھان کي پنھنجي ڪمپيوٽر جي My computer واري آپشن تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو اتي ڊيوائس مینیجر تي وڃي اوھان کي چيڪ ڪرڻو آھي تہ يو ايس بي ڊرائیور صحيع طرح انسٽال ٿيو آھي يانہ.جيڪڏھن نہ ٿيو آھي تہ ٻيھر انسٽال ڪريو.انسٽال ڪرڻ کان پوء اوھان کي روم کولڻو پوندو جيڪو اوھان پھرين ڊاؤنلوڊ ڪري رکيو آھي.ان م اوھان کي ھڪ آپشن ملندو SP flash tool، جيڪڏھن اوھان کي ھي آپشن روم م نٿو ملي تہ توھان جيڪو فليش ٽول ڊاؤنلوڊ ڪيو آھي ان کي کوليو.ان م توھان کي نيري رنگ جو ھڪ آپشن ملندو flash tool جي نالي سان ان تي رائٽ ڪلڪ ڪريو ء پوء Run as adminsistrator تي ڪلڪ ڪريو، جيئن ئي توھان ان تي ڪلڪ ڪندا،سافٽ ويئر کلي ويندو.ان کان پوء اوھان کي scetter loading تي ڪلڪ ڪرڻو آھي.جڏھن توھان scetter loading تي ڪلڪ ڪندا تہ ھڪ ونڊو کلي ويندي.اتي توھان  کي اھو روم جيڪو توھان ڊاؤنلوڊ ڪري رکيو ھو، اھو اوپن ڪرڻو آھي اتي توھان کي فارم ويئر جو آپشن ملندو، ان تي ڪلڪ ڪري اھو اوھان کي کولڻو آھي،اھو کلڻ کان پوء اتي اوھان کي Android scetter file  جو آپشن اوھان کي ملندو،ان کي سليڪٽ ڪرڻ کان پوء اوھان کي اوپن جي پٽن تي ڪلڪ ڪرڻو آھي.جڏھن توھان اوپن تي ڪلڪ ڪندا تہ فائل جتي توھان سيڪٽر لوڊنگ م توھان کولي ھئي اتي لوڊ ٿي ويندي.ان کان پوء اوھان کي موبائل جي بيٽري ء سم ڪارڊ ڪڍي ڇڏڻا آھن.ان کان پوء ڊاؤنلوڊ تي ڪلڪ ڪريو.ڊاؤنلوڊ ٿيڻ کان پوء اوھان کي پنھنجو موبائل USB ڪيبل سان ڪنيڪٽ ڪرڻو آھي، پر بيٽري اندر نہ ھجڻ گھرجي.جڏھي توھان ڪنيڪٽ ڪندا تہ ڊاونلوڊنگ جي گلابي پٽي ڳاڙھي ٿي ويندي ء 100 ٿيڻ تائین اوھان کي انتظار ڪرڻو پوندو،ان جي لاء اوھان کي پنج منٽ لڳندا،جيئن ئي پروسيس مڪمل ٿيندو اسڪرين تي ھڪ سائي رنگ جو نشان اچي ويندو،ان جو مطلب تہ پروسيس مڪمل ٿي چڪو آھي ء سافٽ ويئر انسٽال ٿي چڪو آھي.ان کان پوء موبائل م بيٽري لڳائي ان کي on ڪريو،موبائل جو سافٽ ويئر اپڊيٽ ٿي ھلڻ لڳندو.

No comments :

Post a Comment