In this blog you will find Tricks and Tips about Facebook,Whatsapp,YouTube,Mobile phones,Videos,Play store apps and many other topics,in Sindhi,Urdu and English languages.

Why Mobile happen heat up?

No comments
السلام عليڪم دوستو!
حاضر آھي ھڪ نئین پوسٽ،اميد تہ اوھان کي پسند ايندي.

موبائل heat up يعني گرم ڇو ٿيندو آھي؟

ڪافي دوستن سان اھو مسئلو ھوندو آھي تہ گيم کيڏڻ وقت يا چارجنگ ڪرڻ وقت يا ڪال ڪرڻ وقت انھن جو موبائل گرم ٿي ويندو آ.

موبائل گرم ٿيڻ جا سبب.

موبائل گرم ٿيڻ جا بنيادي ٻہ سبب آھن.ھڪ اھو تہ پراسيسر جي پي يو ( گرافڪ پروسيسنگ يونٽ) گرم ٿي ويندو آھي، يا ايس او سي ( سسٽم آن اي چپ) گرم ٿي ويندو آھي ء ٻيو سبب بيٽري جي گرم ٿيڻ ھوندو آھي.
سڀني موبائلن جو مڌربورڊ تقریباً ھڪ جھڙو ھوندو آھي جنھن م پراسسر ء جي پي يو موبائل جي مٿين حصي م ڪيمري جي ڀرسان فڪس ھوندا آھن ء بيٽري پينل موبائل جي ھيٺين پورشن م فڪس ھوندو آھي.
ھاڻي توھان کي ڏسڻو اھو آھي تہ موبائل گرم ڪٿان ٿيندو آھي بيٽري واري طرف کان يا جي پي يو جي طرف کان. جيڪڏھن موبائل جو جي پي يو يا مٿيان وارو حصو گرم ٿئي ٿو تہ موبائل م ڪو مسئلو ڪونھي ء توھان جو موبائل صحیع طرح ھيٽ کي خارج ڪري پيو ء صحيع طرح heat dissipation ڪري پيو.
تقریبا ھر موبائل گيم کيڏڻ وقت يا ڪنھن ھيوي ايپليڪيشن جي استعمال سان جي پي يو گرم ٿي ويندو آھي.اھا ٻي ڳالھ آھي تہ موبائل باڊيون اھڙيون ٺاھيون ويون آھن جو جي پي يو جي ايتري گرمي محسوس نہ ٿي ٿئي.پر جيڪڏھن وڌيڪ گرم محوس ٿي رھي ھجي تہ ايتري اوھان جي موبائل اڳي نہ ٿي ھجي تہ اوھان جي موبائل کي ھارڊ ريسٽ جي ضرورت آھي ڇو تہ توھان جو موبائل اھڙيون ايپليڪيشنس رن ڪري پيو جيڪي بيڪ گرؤنڊ م گھڻو اسپيس وٺن پيون يا ٻيو سبب موبائل جي سافٽ ويئر اپڊيٽ م مسئلو ھجڻ ڪري بہ جي پي يو پراسيسر گرم ٿي وڃي ٿو.ء اھو سافٽ ويئر اپڊيٽ ڪرڻ سان حل ٿي ويندو آھي.
پر جيڪڏھن موبائل، بیٽري جي طرف کان گرم محسوس ٿي رھي ھجي تہ اھا موبائل جي لاء خطري جي علامت آھي.ان جا ڪافي سبب ٿي سگھن ٿا.سڀ کان پھرين تہ موبائل کي غلط چارجر تي چارج ڪيو ٿو وڃي.عام طور تي ھر اينڊرائيڊ موبائل کي ھڪجھڙو سمجھي ھڪڙي ئي چارجر تي چارج ڪيو وڃي ٿو.اھو بيٽري کي خراب ڪرڻ جو سبب ٿئي ٿو.ان ڪري ڪوشش ڪجي تہ موبائل کي ان جي پنھنجي چارجر سان چارج ڪجي ء اھو بہ خيال ڪرڻ گھرجي تہ موبائل جو ڪور لاھي پوء چارج ڪرڻ گھرجي.موبائل جي روشني کي ممڪن حد تائین گھٽ رکو تہ جيئن موبائل جي ايل اي ڊي پينل تي لوڊ گھٽ پوي ء بيٽري وڌيڪ ھلي.ڪابہ گيم کيڏڻ وقت يا ھيوي ايپليڪيشن استعمال ڪرڻ وقت موبائل جو ڪور لاھي ڇڏيندا ڪريو ڇوتہ لوڊ تي موبائل جي heat dissipation ٿئي ٿي جيڪا ڪور ھجڻ ڪري صحيع نہ ٿي ٿئي ء ان ڊائریڪٽلي موبائل تي اثر پوي ٿو.
ان کان علاوہ اھو بہ چيو وڃي ٿو تہ موبائل کي فرج م رکڻ سان موبائل صحیع ٿي ويندو آھي يا پوليٿين جو ڪور استعمال ڪرڻ سان موبائل ڪڏھن بہ گرم نہ ٿو ٿئي تہ اھا ڳالھ بلڪل غلط آھي.ايئن ڪرڻ سان اوھان جي موبائل جي گرمائش گھٽ ٿئي يانہ پر بيٽري جي ڦاٽڻ جو امڪان 80% وڌي ويندو آھي.ڇوتہ ھڪدم گرم مان ٿڌي جڳھ تي وڃڻ جي ڪري ٽيمپريچر تبديل ٿيڻ جي ڪري بيٽري خراب ٿيڻ جو وڌيڪ امڪان آھي.
آخر م ڳالھ ايتري آھي تہ موبائل جي بيٽري کي ھيٽ اپ ٿيڻ نہ ڏيو ء ھنن ننڍين ننڍين ٽپس تي ڌيان ڏيو.موبائل جي بيٽري تبديل ڪرڻ سان موبائل جو ٻيڙو ٻڏي ويندو آھي.
اميد تہ ھي پوسٽ اوھان کي پسند آئي ھوندي.

No comments :

Post a Comment